سيد نور شاهه 2

سيد نور شاهه (گائڪ): ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ڪافين ڳائڻ ۾ مقبوليت ماڻيندڙ، سيد نور شاهه ضلعي قمبر جو رهاڪو هو. هٽڙيءَ جي شاعر ۽ ڳائيندڙ غلام شاهه جو پٽ هو، جوانيءَ ۾ ٽنڊي الهيار ۾ اچي رهيو. ان کانپوءِ ٽنڊي غلام عليءَ ۾ مير محمد بخش وٽ رهيو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين، اُتر ۾ ان وقت ڪافين ڳائڻ جي انداز موجب هُو يڪتاري ۾ ’ڪلواڙي‘ جي تار تي مٿي چوٽ واري آواز ۾ ڳائيندو هو. سيد نور شاهه جو آواز تمام مٿي هو، پر ان کان وڌيڪ ڪلواڙي کي يڪتاري ۾ نهايت چٽو، مٺو ۽ سهڻو ڪيائين، جو نور شاهه ڪلواڙو سڏجڻ لڳو. آچر فقير، نور شاهه جو استاد هو، پر سيد جي ادب وچان ٻالڪو سڏائيندو هو ۽ ساڻس گڏ ڳائيندو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق موجب نور شاهه جهڙي ’ڀيروي‘ اڄ تائين ڪنهن نه ڳائي، مصرع سان موافق ڏوهيڙا ڏئي پوءِ مصرع کڻندو هو. ڀٽائي، سچل، غلام شاهه ۽ ٻين گهڻن شاعرن جا ڪلام ياد هئس. نور شاهه جي مشهور ٻالڪن ۾: محمد رازو خاصخيلي، ٽنڊي غلام علي جو ڇاڱو شيدي، مهرو مڱڻهار، منگهن ڀٽو، تيرٿ سوٽهڙ، بنگل شورو، فضل محمد لُنڊ، ياقوت شيدي، جمو ’چريو‘ ميراڻي، مجنو ٻالو، بچو شيدي وغيره شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو